ٺلھه ڌنڱ

ٺلھه ڌنڱ

ٺلھه ڌنڱ

ٺلھه ڌنڱ: هي ٺلهه ۽ دڙو ڳوٺ نعمت خان کوسي ديهه ڌنڱ، تپي جمالي، تعلقي شھدادڪوٽ ضلعي قــمبر- شھدادڪوٽ ۾ آهــي. ھي ٺلهه ھڪ دڙي تي ٺھيل آھي. دڙو 10- 9 فوٽ زمين جي مٿاڇري کان اوچو آھي. ٺلهه 450 س. م اوچــو آهي ۽ گهيرو 19 فوٽ آهي. دڙو ھن وقت والار ۾ اچــي ويــو آھي. ڪنھن سمي وڏو ھوندو هو، پر ھينئر صرف ايترو بچيل آھي، جو ھي ٺلهه بيٺل آهي. ٺلهه ويلڻي (cylindrical) ۽ پڪين سرن جو، گاري سان اوساريل آھي. ٺلهه جو ھيٺيون حصو اجڙيل، سرون نڪتل ۽ کوٽيل آھن. ھن جي بنيادن بابت پڪ نٿي پوي ته اھي ڪيترو زمين ۾ اندر آھن. چوڌاري چڱي تعداد ۾ مٿاڇري تي توڙي اندر ٺڪراٺو ٻڌائي ٿو ته اھو ٺلهه اسلامي دور کان اڳ جو آھي. ھن وقت به ٺلهه تي 81 بار موجود آھن، جيڪي پڪين سرن جا آھن. سرن جو نمونو ٻٻرلوءِ خيرپورميرس ضلعي ۽ لکي غلام شاهه ضلعي شڪارپور جي ٺلھن ۾ لڳل سرن سان ڀيٽڻ جھڙو آھي. ڪجهه سرون اھڙيون به مليون آھن، جن تي نقش اڪريل آھن.هي ٺلهه شهدادڪوٽ کان 16 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو